سندھی نوحہ آف معصوم سکینہ سہ
سڪينه ڀيڻ تنهنجي لاءِ، عابد وٽ اڄ ڪفن ڪونهي
ڪنهن کان تولاءِ مان ڪفن وٺان، اسان جو ڪو سڄڻ ڪونهي
سوچيان ٿو ڀيڻ تنهنجي لاءِ ، ڪهڙي جاءِ تي قبر ٺاهيان
ظالم جو هي شهر آهي، هتي ڪوئي امن ڪونهي۔
آهن جڪڙيل زنجيرن ۾، منهنجا هٿ اڄ سڪينه جو
کڻايان ڪنهن کان ميت تنهنجو، اسان جو هي وطن ڪونهي۔
اسان جي وسندي ويڙهي کي ، لڳي اهڙي نظر وئي جو
ايئن ويران اڄ تائين، ٿِيو ڪنهن جو چمن ڪونهي۔
سڪينه اڄ غريبيءِ جي ، عابد تي حد ختم ٿي وئي
ادي منهنجي مان اڄ توکي، ڏنو ڪوئي ڪفن ڪونهي
سڪينه ڀيڻ شام ۾ تون، وطن کي ڏاڍو ياد ڪيو
تنهنجي قسمت ۾ ڀيڻ لکيل، وطن واپس وڃڻ ڪونهي۔
تنهنجي قسمت ۾ ڀيڻ لکيل، وطن واپس وڃڻ ڪونهي۔
جيئن منظر سڪينه کي، قبر ۾ ڀاءِ عابد لاٿو
ايئن ڪائي ڀيڻ اڄ تائين، ڪئي ڪنهن ڀاءِ دفن ڪونهي۔
No comments:
Post a Comment